خواب خوشبو ڇوڪري

خواب خوشبو ڇوڪري

خواب خوشبو ڇوڪري

خواب خوشبو ڇوڪري (ڪتاب): هيءُ ناول ناليواري ڪهاڻيڪارا ۽ ناول نگار ماهتاب محبوب جو پهريون ناول آهي، هن ناول ۾ سنڌ ۾ جاگيرداري نظام، سياست، اپر ڪلاس کان وٺي لوئر مڊل ڪلاس جي ڏکن سکن ۽ همدرديءَ کي موضوع بڻايو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار علي بابا لکيو آهي، هو لکي ٿو ته: ”ماهتاب وٽ سنڌي ٻوليءَ جي ڄڻ ڪائي کاڻ آهي، جنهن کي جيئن کوٽبو تيئن وساريل اکرن جا املهه ماڻڪ نروار ٿيندا ويندا ۽ اکرن جي تيج کان اسان جون اکيون چهنجي وينديون، ماهتاب جي هن ناول خواب خوشبو ڇوڪري ايڪهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ شاهي دروازو ٺاهي ڏنو آهي، جيئن اسين پنهنجا سمورا ڪڌا ڪرتوت، وحشتون، بيهودگيون، ڪوڙا ويساهه ڀرم، وڏ ماڻهپايون ۽ حرامپايون، تمنائون ۽ ويهين صدي وارو سمورو گند ڪچرو پاسپرو ڪري، نئين سر ڌوپجي سوپجي پنهنجي نئين نسل سان گڏ ايڪهين صديءَ ۾ داخل ٿيون.“ 224 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قيمت 100 رپيا آهي، جنهن کي 1998ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ خواب خوشبو ڇوڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو